سيد ضياءُالدين ضيا ٺٽوي

سيد ضياءُالدين ضيا ٺٽوي : سيد ضياءُالدين’ضياء‘ ولد سيد مير عزت الله شڪرالاهي. هي بزرگ ٺٽي جي مشهور شاعر ۽ فاضل سيد مير علي شير قانع جو سڳو ۽ ننڍو ڀاءُ هو. تحفة الڪرام ۾ مير قانع پنهنجن ڀائرن جي بيان ۾ پاڻ کي چوٿون نمبر ۽ ضياءُالدين کي ڇهون نمبر ڄاڻايو آهي، ڀانئجي ايئن ٿو ته هن مير قانع جي هن دنيا مان رواني ٿيڻ بعد شعر شاعري ڏانهن ڌيان ڏنو. سيد ضياءُالدين فارسيءَ ۽ اردوءَ جو وڏو شاعر ٿي گذريو آهي. سندس فارسي غزليات جو هڪ مڪمل ديوان، بي ترتيب صورت ۾ موجود آهي، اهڙيءَ طرح هندي يا انهيءَ زماني جي اردو زبان ۾ هن غزلن جو هڪ ديوان به مرتب ڪيو. ”هير رانجھا“ جي عشقيه قصي کي مثنويءَ جي صورت ۾ تيار ڪيائين. سيد ضياء جي ڪلام مان معلوم ٿئي ٿو ته سنڌ جي ٽالپر حاڪمن مان هو مير ٺاري خان ميرپورخاص واري جو درٻاري شاعر هو ۽ قصو ”هير رانجھا“سندس نالي منسوب ڪيو اٿس. سيد ضياءُالدين جي وفات 13 ذوالقعد 1229هه/ 1813ع ۾ ٿي ۽ کيس پنهنجي خانداني مقبري ۾ مڪليءَ تي دفن ڪيو ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو